ثريا ملتانيڪر

ثريا ملتانيڪر

ثريا ملتانيڪر

ثريا ملتانيڪر: پاڪستان ۾ غزل ۽ سرائڪي ڪافي ڳائيندڙ فنڪارن ۾ ثريا ملتانيڪر جو نالو اهم آهي. سندس جنم پھرين جنوري 1940ع تي لاهور تي ٿيو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سندس آواز عام توڙي خاص ۾ تمام گهڻيو مقبول رهيو آهي.. جڏهن فلم ”بدنام“ رليز ٿي ته ان فلم جي ٻين گانن سان گڏ ’بڙي بي مروت هين يه حسن والي ڪھين دل لگاني ڪي ڪوشش نه ڪرنا‘ سندس مقبول ترين گانو ثابت ٿيو. اردو غزل کان سواءِ سندس سرائڪي ڪافي ڳائڻ جو انداز به عوامي ۽ ڪلاسيڪي آهي. هن غالب جو غزل ”بازيچهء اطفال هي دنيا ميري آگي“ ڳائي پاڻ کي تمام وڏي فنڪاره ثابت ڪيو. هن خواجه غلام فريد جو ذري گهٽ سڄو ڪلام ڳاتو آهي. هِن ريڊيو ملتان تي موسيقي واري شعبي جي انچارج طور ڪم ڪيو. بھاؤالدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان ۾ موسيقي جي شعبي جي انچارج هئڻ سان گڏ نئشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور ۾ پڻ موسيقيءَ جي سکيا ڏيندي رهي آهي. سندس ڌيءَ راحت بانو ملتانيڪر به گائڪيءَ ۾ پنھنجو منفرد مقام رکي ٿي. هن کي فن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ مليا آهن. جن مان: گولڊن اوارڊ (1959ع)، نگار اوارڊ (1964ع)، غلام فريد اوارڊ (80-1975ع)، جشن فريد اوارڊ (1982ع)، پرائيڊ آف پرفارمنس (1986ع)، شھباز اوارڊ (2000ع)، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (2000ع)، غلام فريد اوارڊ (2002ع)، لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (ٻيو دفعو-2006ع)، ستاره امتياز (2008ع) ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (ٽيون دفعو 2022ع).


لفظ ثريا ملتانيڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو